ماتلي: ماتلي ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ 11 ۽ 12 جي رھواسين پاران برساتي ۽ گٽرن جو پاڻي نيڪال نه ڪرڻ ۽ صفائي نه ڪرڻ خلاف ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ريلي ڪنڀار پاڙي کان نڪتي جنهن جي اڳواڻي ڪائونسلر جي اميدوار ماما علي نظاماڻي، مختيار ڪنڀار، طارق قريشي ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. ريلي شھر مان ٿيندي پريس ڪلب آڏو پھتي جتي مظاھري کي خطاب ڪندي مظاھرين پاران پنهنجي محلي مان برساتي پاڻي جي نيڪالي ۽ صفائي ڪرائٔڻ جي گھر ڪئي وئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close