حيدرآباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ اسد عمر چيو آھي تھ اليڪشن اچي رھي آھي، جلد نئين سنڌ جو آغاز ٿيندو. پي ٽي آ نظام جي سڌاري ۽ انصاف جي جدوجھد لاءِ پاڻ پتوڙي رھي آھي، جدوجھد جو مقصد اقتدار جي حاصلات ناھي، اسان اھو نه ٿا چاھيون ته عمران خان کي وزيراعظم بڻايو وڃي، جدوجھد جو مقصد مستقبل ۾ اقتدار جا فيصلا عوام وٽ ھئڻ گھرجن ۽ اھو وقت پري ناھي جو ملڪ تي حڪمراني جا فيصلا عوام ڪندو. اھڙن خيالن جو اظھار ھن ڪالھھ ڊسٽرڪٽ بار حيدرآباد ۾ خطاب ڪندي ڪيو. ھن وڌيڪ چيو تھ ساڍن ٽن مھينن کان ھلندڙ تحريڪ جو مقصد ھڪ ئي آھي ته ملڪ ۾ فيصلن جو حق عوام کي حاصل ھجي، ڇاڪاڻ ته 70 سالن کان روايت رھي آھي ته ملڪ جي مستقبل بابت بند ڪمرن ۾ فيصلا ٿيندا رھيا آھن، ھاڻي اھو نظام ختم ٿيڻ گھرجي. ھن چيو تھ موجودہ حڪمرانن کي اقتدار پرڏيھي قوتن جي ڪري مليو، کين اھا خبر ئي ناھي ته اقتدار ۾ اچڻ لاءِ عوام جي دلين تان گذرڻو پوي ٿو، عوام سجاڳ ٿي چڪو آھي، ان لاءِ سندن نظرون ان ماڻھو طرف آھن جيڪو سندن لاءِ بھتر فيصلا پيو ڪري.
ھن چيو تھ پاڪستان ۾ سدائين اقتدار جو رستو طاقتور ماڻھن ۽ ٻاھرين قوتن جي ھٿن ۾ رھيو آھي، ان ڪري ملڪ ترقي ناھي ڪري سگھيو. پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو تھ آئي ايم ايف جي معاھدي بعد 10 ڏينھن دوران رپئي جي قدر ۾ گھٽتائي آئي آھي، ان سان بجلي، گئس، پيٽرول ۽ کاڌي پيتي جون شيون اڃا وڌيڪ مھانگيون ٿينديون، ان جو بار به سڌي ريت عوام تي پئجي رھيو آھي. ھن چيو تھ جيڪي پنھنجي مرضي جا فيصلا ڪري رھيا آھن، انھن کي عوام رد ڪري ڇڏيو آھي، پنجاب ۾ 80 سيڪڙو سيٽون پي ٽي آئي جي حق ۾ آيون آھن، عوام مرضي جا فيصلا ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيو آھي، جيئن پنجاب جي عوام فيصلو ڪيو آھي پوري پاڪستان جي عوام جي خواھش اھا ئي آھي، اھا جدوجھد ڪاميابي جي ويجھو آھي.
ھن چيو تھ وڪيل برادري 3 مھينن ۾ زبردست ڪم ڪيو آھي، ان مان نظر اچي پيو ته توھان سچا پاڪستاني آھيو، لاھور ۾ 25 مئي تي وڪيلن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ٽارگيٽ ڪري وڪيلن کي ماريو پئي ويو، پاڪستاني متحد آھن، وڪيل ان ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا، جلد اھڙو پاڪستان ٺھندو، جنھن ۾ عوام جي حڪمراني ھوندي. ان موقعي تي پي ٽي آئي اڳواڻ ايڊووڪيٽ علي پلھه، جئه پرڪاش، مبين جتوئي، ايم پي اي سدرا، خاوند بخش جھيجو، نورالحق قريشي، الطاف اعواڻ، بار جي صدر عرفان ٻگھيو سميت وڏي انگ ۾ وڪيلن شرڪت ڪئي.