اسلام آبادپاڪستان

پي اي سي جو دستاويز نه ڏيندڙ آفيسرن خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي جو اشارو

اسلام آباد :پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي دستاويز پيش نه ڪندڙ آفيسرن خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ڪالهه اجلاس جي صدارت ڪندي چيئرمين نور عالم خان چيو ته مون بار بار نيب کان بند ڪيسن جا تفصيل طلب ڪيا آهن. هڪ آفيسر جيڪو دستاويز پيش ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو، ان خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين ڊي جي نيب شهزاد سليم طرفان موڪليل خط تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پي اي سي ۾ عورت جي درخواست تي ڪارروائي ڪئي وئي. هن عورت اڳوڻي چيئرمين نيب سميت آفيسرن جا نالا به ورتا آهن. نيب آفيسر احتساب کان ڀڄي رهيا آهن. پوءِ حڪومت ۽ ججن کي چوڻ گهرجي ته پي اي سي جي ڪا ضرورت ناهي. نور عالم خان چيو ته اڄڪلهه ڪيترائي آفيسر پي اي سي کي چئلينج ڪري رهيا آهن. انهن مان هڪ ڊي جي نيب شهزاد سليم به عدالت ۾ وڃي رهيو آهي. مان حيران آهيان ته آفيسر پنهنجو حساب ڪتاب ڏيڻ کان ڇو ڊڄن ٿا. هن چيو ته پي اي سي اختيار رکندڙ ڪميٽي آهي. نيب آفيسرن جي اثاثن جا تفصيل نه ملي سگهيا. اثاثا لڪائڻ وارن تي سخت قانون لاڳو ڪيو وڃي. هن چيو ته آفيسر احتساب کان ڀڄي رهيا آهن. جڏهن ته آئين تحت اسان کي سزا ڏيڻ جو اختيار آهي. اسان جو ڪنهن سان به ذاتي دشمني ناهي، جنهن به ڪرپشن ڪئي آهي، ان جي خلاف آهيون. آرٽيڪل 207 تحت پي اي سي ۾ عوامي درخواستون به ٻڌي سگهان ٿو. چيئرمين پي اي سي چيو ته هڪ عورت وڊيو ثبوت جمع ڪرايا آهن. مان انهن سڀني ماڻهن کي سڏيندس جن جو هن عورت نالو ڏنو. جيڪڏهن عدالت احتساب نٿي چاهي ته پوءِ ٻڌايو، ڪميٽيون ختم ڪري گهر هليا وينداسين. عورتن کي هراسان ڪرڻ جو معاملو به ڪرپشن سان آهي، ان ڪري ڪيس جي شنوائي پي اي سي ۾ ٿي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button