اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

نيپرا کي بجلي جو بنيادي ٽيرف 7 رپيا 91 پئسا وڌائڻ جي درخواست

اسلام آباد : وفاقي حڪومت عوام تي هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي بم ڪيرائڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي. حڪومت نيپرا کي بجلي جو بنيادي ٽيرف 7 رپيا 91 پئسا وڌائڻ جي درخواست ڪئي آهي. ذريعن موجب وفاقي حڪومت برابر ٽيرف لاءِ نيپرا ۾ درخواست جمع ڪرائي آهي، جنهن تي شنوائي کانپوءِ نيپرا پنهنجو فيصلو نوٽيفڪيشن لاءِ وفاقي حڪومت کي موڪليندي. وفاقي حڪومت طرفان داخل درخواست ۾ ڪي اليڪٽرڪ سميت سڀني ڊسڪوز لاءِ بجلي جو بنيادي ٽيرف وڌائڻ جي تجويز آهي. حڪومت جو بنيادي ٽيرف مرحلي وار وڌائڻ جو منصوبو آهي. ان سلسلي ۾ جولاءِ کان بجلي 3 رپيا 50 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي تجويز آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button