اسلام آبادپاڪستان

سنڌ ۾ 24 جولا کان تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان مينهن جو امڪان

اسلام آباد:ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ملڪ ۾ زبردست برسات پوڻ جو امڪان آهي. ان ڏس ۾ قومي موسم جي اڳڪٿي ڪرڻ واري اداري پاڪستان ميٽرولاجيڪل ڊپارٽمينٽ طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 24 کان 26 جولا تائين سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان مينهن وسڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي ته تمام گهڻو مينهن پوڻ جي به اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي موجب 24 جولا کان سنڌ جي مختلف ضلعن ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، شهيد بينظيرآباد، ڄامشورو، ميرپورخاص، دادو، عمرڪوٽ، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر ۾ برسات پوندي، جنهن سان هيٺائين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو امڪان آهي. ان کانسوا ملڪ جي ٻين هنڌن تي پڻ مينهن وسندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button