پاڪستان

عام چونڊون مقرر وقت تي ئي ٿينديون: حڪومتي پارٽين جو فيصلو

لاهور: لاهور ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اتحادي جماعتن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اتحادي پارٽين اسيمبلين جو مقرر مدو پورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پنجاب جي ننڍي چونڊ ۾ شڪست جا ڪارڻ ڄاڻڻ ۽ اڳتي جي حڪمت عملي طئي ڪرڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ ڪالهه اتحادي جماعتن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، مولانا شاهه اويس نوراني، حمزا شهباز، خالد مقبول صديقي، سعد رفيق، اياز صادق، مريم اورنگزيب، شاهه زين بگٽي، ميان افتخار حسين، مشاهد حسين سيد، اڪرم دراني، طارق بشير چيما، احد چيما، سالڪ حسين، محسن داوڙ، اسلم ڀوتاڻي، فهد حسين سميت ٻيا اڳواڻ پڻ شريڪ ٿيا. ذريعن موجب اتحادي جماعتن فيصلو ڪيو ته وقت کان اڳ چونڊون بهتر آپشن ناهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پنجاب ۾ به وڏ وزارت بچائڻ لاءِ سموريون اتحادي جماعتون ڪوشش ڪنديون. اجلاس ۾ ننڍي چونڊن کانپو سياسي صورتحال جي پيشنظر مسلم ليگ ن جي پنجاب ۾ حڪومت برقرار رکڻ لا آئيني ۽ قانوني آپشنز تي غور ڪيو ويو. ان موقعي تي ليگي اڳواڻ پنجاب اسيمبلي ۾ نمبر گيم جي حوالي سان اڳواڻن کي بريفنگ به ڏني جڏهن ته 22 جولا تي قائد ايوان تي ٻيهر چونڊ جي حوالي سان حڪمت عملي تي به مشاورت ڪئي وئي. اجلاس ۾ مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن کي ملڪ ۾ وقت کان اڳ چونڊون نه ڪرائڻ جي حوالي سان پنهنجي پنهنجي پارٽين جي سينيئر قيادت جون تجويزون پيش ڪيون. اجلاس ۾ سموري سياسي صورتحال جو جائزو وٺڻ کانپو پي ڊي ايم ۽ حڪومتي اتحادي پارٽين ملڪ ۾ وقت کان اڳ چونڊون نه ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ طئي ٿيو ته وقت کان اڳ چونڊون عمران خان جي دٻا تي به پر حڪومتي اتحاد جي اتفاق را سان فيصلي تحت کي ڪرايون وينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button