اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته 22 جولاءِ تي چوڌري پرويز الاهي کي سولائي سان پنجاب جو وڏو وزير بڻجڻ نه ڏينداسين، ان ۾ ن ليگ جي مقبوليت جو ڪو معاملو ناهي، ن ليگ اڄ به مقبول جماعت آهي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ن ليگ قيادت بي اعتمادي تي جن کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو واعدو ڪيو، ان کي پورو ڪيو، جن کي هاڻ ٽڪيٽ ڏني هئي، عام ماڻهن ۾ اسان انهن سان گڏ ويهي ڳالهه ڪنداسين. هن چيو ته پنجاب ۾ انهن وٽ 185 ميمبر آهن، اسان وٽ 180 ميمبر آهن، رڳو 5 ماڻهن جو فرق آهي، هي نه سمجهن ته 22 تاريخ تي پنجاب تي قبضو ڪري ويهي رهندا، ٻيو ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. راڻا ثناءالله چيو ته اهي 20 سيٽون تحريڪ انصاف جون هيون جنهن مان اسان 5 سيٽون کٽيون آهن، جڏهن ن ليگ ۽ تحريڪ انصاف جو مقابلو ٿيندو ته اسان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان کٽينداسين، انهن سيٽن تي 2018ع جي ڀيٽ ۾ اسان جا ووٽ هڪ لک 28 هزار ووٽ وڌيا آهن، اسان جو وقتي طور تي نقصان ٿيو آهي جيڪو ايندڙ چونڊن ۾ پورو ٿي ويندو. وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ليڊرشپ جي منظوري ملي وڃي ته تحريڪ انصاف جا 5 کان 7 ميمبر هيڏانهن هوڏانهن ٿي وڃڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ان کان به وڌيڪ ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن ٿيڻ جو ارادو رکندا هجن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close