سنڌ

عورت کي ديڳ ۾ ساڙي مارڻ انتهائي وحشياڻو واقعو آهي:شهلا رضا

سنڌ جي عورتن جي ترقي واري صوبائي وزير سيده شهلا رضا چيو ته گلشن اقبال بلاڪ 4 ۾ ديڳ مان عورت جو لاش هٿ اچڻ انتهائي وحشياڻو ۽ هڪ افسوسناڪ واقعو آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ ضروري آهي ته ڏوهارين کي عبرتناڪ سزائيون ڏنيون وڃن. اها ڳالهه هن پنهنجي آفيس ۾ قتل ٿيڻ عورت جي ڀاءُ ۽ ڌيءَ سان ملاقات جي دوران چئي. صوبائي وزير قتل ٿيل عورت جي ڀاءُ ۽ ڌيءَ کي دلاسو ڏيندي افسوسناڪ واقعي جي بابت معلومات حاصل ڪيون ۽ انهن کي هر ممڪن قانوني مدد فراهم ڪرڻ يقين پڻ ڏياريو. صوبائي وزير سيده شهلا رضا آئي جي سنڌ ڪراچي غلام نبي ميمڻ سان پڻ رابطو ڪيو ۽ واقعي ۾ مبينا طور ملوث مڙس جي فوري گرفتاري ۽ باقي ٽن ٻارن جي باحفاظت بازيابي جي پڻ هدايتون ڏنيون. ياد رهي ته ديڳ مان عورت جو لاش هٿ آيل جو واقعو گلشن اقبال بلاڪ 4 ۾ پيش آيو هو، جنهن تي صوبائي وزير عورتن جي ترقي سنڌ سيده شهلا رضا نوِٽيس پڻ ورتو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button