روهڙي ويجهو دبر ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي خان ٻرڙو ۾ زمين جي مالڪي ۽ تلا مان مڇي مارڻ تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ لٺيون، ڪھاڙيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 10 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، جنهن ۾ ھڪ ڌر جي زخمين ۾ منظور ٻرڙو. وحيد علي، محمد حنيف، عبدالمجيد ۽ ٻئي ڌر جو حاڪم علي ٻرڙو، شوڪت علي، ڪليم الله، لطيفا شامل آهن، دبر پوليس ٻنھي ڌرين جي زخمين کي الڳ الڳ ليٽر ڏئي علاج لاءِ تعلقي اسپتال روھڙي موڪلي ڇڏيو. ھڪ ڌر جي ماڻهن زخمين سان گڏجي حاجي گلشير ٻرڙو، زينب، لال بخش ٻرڙو اسپتال ٻاهران مظاهرو ڪندي الزام هنيو ته مخالف ڌر جا ماڻهو روهڙي ۽ سکر ۾ رھندا آھن، انھن اسان جي ڳوٺ تي حملو ڪري مڇي جي تلائن مان مڇي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ته روڪڻ تان حملو ڪري لٺيون ھڻي زخمي ڪري ويا آهن. پوليس به انهن جو پاسو وٺي رهي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close