راولپنڊي:پنڊي جي واهه ڪينٽ واري علائقي مان ڏينهن جي وقت کيڏڻ لاءِ نڪتل 10 ورهين جي ٻارڙي جو لاش ميدان مان هٿ آيو آهي. پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب 10 ورهين جو معيز نالي ٻارڙو رات 2 وڳي ٻاهر کيڏڻ ويو هو ته واپس نه آيو، جڏهن تلاشي ورتي ته ٻارڙي جو لاش گهر کان اڳئين گهٽي وٽان ٻني مان مليو، سندس مٿي تي زخم جا نشان پڻ هئا. اطلاع تي سي پي او راولپنڊي شهزاد بخاري، ايس ايس پي انويسٽيگيشن غضنفر شاهه ۽ ايس پي پوٽوهارراڻا وهاب واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ واقعي واري هنڌ تان فرانزڪ ثبوت گڏ ڪري جاچ لاءِ پوليس ٽيم جوڙي ڇڏي..پوليس موجب ٻارڙي کي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو آهي. پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ تصديق ٿي وئي ته ٻارڙي کي زبردستي بعد قتل ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close