اسلام آبادپاڪستان

راڻا ثناءَ جي بيان جي خبر ۽ ٽي وي ٽاڪ شو جو ٽرانس اسڪرپٽ طلب

اسلام آباد ؛سپريم ڪورٽ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله خلاف پنجاب اسيمبلي اسپيڪر پرويز الاهي جي توهين عدالت جي درخواست تي شنوائي دوران رانا ثناءَ جي بيان جي اخباري خبر ۽ ٽي وي ٽاڪ شو جو ٽرانس اسڪرپٽ طلب ڪري ورتو. تفصيل مطابق اربع تي سپريم ڪورٽ جي جسٽس اعجازالاحسن ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ رانا ثناءُالله جي خلاف پرويز الاهي جي توهين عدالت جي درخواست تي شنوائي ڪئي. پي ٽي آئي پاران وڪيل بابر اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيو. جسٽس اعجازالاحسن پڇاڻو ڪيو ته بابر اعواڻ اوهان ڪنهن جا وڪيل آهيو، ڪاز لسٽ ۾ ته اوهان جو نالو نه آهي. بابر اعواڻ ٻڌايو ته مان مرڪزي ڪيس ۾ سبطين خان جو وڪيل هيس، انهيءَ ڪيس جي حڪم جي توهين تي پيش ٿيو آهيان. بابر اعواڻ ٻڌايو ته رانا ثناءُالله پريس کي بيان ۾ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن جي غائب هجڻ جي ڌمڪي ڏني. جسٽس اعجازالاحسن سوال ڪيو ته پنجاب اسيمبلي جا ميمبر غائب ڪرڻ جو ڇا مطلب آهي. جسٽس منيب اختر چيو ته ڪهڙا لفظ توهين عدالت جي زمري ۾اچن ٿا، درخواست سان بيان به گڏائي آڻيو، جنهن تي پي ٽي آئي جي وڪيل 18 جولاءِ جي پريس ڪانفرنس مان ورتل رانا ثناءُالله جي بيان جو ٽرانس ڪرپٽ جمع ڪرائيندي عدالت کي درخواست ڪئي ته ڪيس اڄ خميس تي شنوائي لاءِ رکيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button