اسلام آباد:تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان الزام هنيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ۾ اسيمبلي ميمبرن کي خريدڻ لاءِ 50 ڪروڙن تائين آڇ ڪئي پئي وڃي. ڪالهه ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته اڄ لاهور ۾ سنڌ هائوس هارس ٽريڊنگ جهڙا منظر ٻيهر نظر اچي رهيا آهن. هن دعويٰ ڪئي ته ايم پي ايز کي خريدڻ لاءِ 50 -50 ڪروڙ تائين آڇ ڪئي پئي وڃي. ان راند پويان آصف زرداري جو هٿ آهي، جنهن ڪرپشن تي اين آر او ورتو، هو لٽيل ناڻي سان ماڻهن کي خريد ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته آصف زرداري کي جيل ۾ وجهڻ گهرجي، هي نه رڳو اسان جي جمهوريت پر سماج جي اخلاق تي به حملو آهي. عمران خان وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ پارٽيون تبديل ڪندڙن تي تاحيات پابندي لڳائي ها ته روڪٿام ٿئي ها. امپورٽڊ حڪومت آڻيندڙن کي احساس ناهي ته قوم کي وڏو نقصان پهچايو پيو وڃي. ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير مراد راس دعويٰ ڪئي آهي ته پنجاب جي وڏي وزير لاءِ اسان جي ايم پي ايز کي 50 ڪروڙ تائين جي آڇ ٿي رهي آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳلهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ مراد راس چيو ته ٻيهر پئسو هلي رهيو آهي ۽ اسان جي ايم پي ايز کي 30 کان 50 ڪروڙ رُپين جي آڇ ٿي رهي آهي، هڪ هارايل پارٽي ڪيئن چئي ٿي سگهي ته هو حڪومت ٺاهي رهيا آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ ميان اسلم اقبال چيو ته الڪيشن لاءِ اسان جا نمبر پورا آهن پر وري مال جي پڙي لڳائي پئي وڃي. عبرتناڪ شڪست کانپوءِ به هو سمجهن نٿا، مخالف ضمير فروشي ڪري ٻين جا ضمير خريدڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر ياسين راشد چيو ته اسان جنگ نٿا ڪرڻ چاهيون، اسان پندرنهن سيٽون کٽيون آهن، عوام واضح ڪري چڪو آهي ته هو ڪنهن کي اقتدار ۾ ڏسڻ چاهي ٿو. هي ماڻهو جمهورت جا دشمن آهن. ڊاڪٽر ياسين راشد چيو ته راڻا ثناءُ الله ڌمڪين وارو لهجو پاڻ وٽ رکي، ماڊل ٽائون سانحي جو قاتل عام به توهان ڪيو، لوٽن جي سياست چڱي هجي ها ته عوام کين ووٽ ڏئي ها.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close