اسلام آبادپاڪستان

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آئي فارن فنڊنگ جو فيصلو جلد ٻڌائي:شازيا مري

اسلام آباد: وفاقي وزير شازيا مري چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آئي فارن فنڊنگ جو فيصلو ٻڌائڻ ۾ دير نه ڪري. سوال اهو آهي ته عمران خان فارن فنڊنگ جو حساب ڏيڻ کان ڇو ڀڄي رهيو آهي. هڪ بيان ۾ شازيا مري چيو ته عمران خان اليڪشن ڪميشن کي بليڪ ميل ڪري فارن فنڊنگ ڪيس دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان بي آر ٽي، مالم جبا ۽ بلين ٽري ڪيس ۾ عدالتي منع نامي جي پٺيان لڪي رهيو آهي. عمران خان چوري ناهي ڪئي ته پوءِ تلاشي ڏيڻ کان ڇو ڀڄي رهيو آهي. عمران خان جو ڪردار چور مچائي شور وارو آهي. هن چيو ته عمران اينڊ ڪمپني چئن سالن جي نااهلي ۽ نالائقي سان ملڪ کي هن هنڌ تائين پهچايو آهي. ملڪ جي معيشت هاڻي وڌيڪ تجربن جي سٽ نٿي سگهي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button