
لاهور:مني لانڊرنگ ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي الزام ۾ فرحت شهزادي ۽ سندس ماءَ جي وڪيل نيب لاهور ۾ پيش ٿيو آهي. فرح خان جي وڪيل چيو آهي ته نيب لاهور ۾ فرح جو جواب وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد نيب کي لکت ۾ جواب اُماڻيو ويو آهي. فرح خان جي وڪيل ٻڌايو ته فرح ۽ احسن جميل ڏانهن موڪليل نوٽيس جي اختيارين واري دائري کي چئلينج ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته نيب پرائيوٽ شخص تي ڪيس نٿو ڪري سگهي. جيڪڏهن اينٽي ڪرپشن وٽ ثبوت آهن ته پيش ڪري.