پاڪستانپنجاب

آمريڪي سياح ٽڪ ٽاڪر سان پنجاب ۾ اجتماعي لڄالٽ،2 جوابدار گرفتار

راجن پور :پنجاب جي علائقي راجن پور ۾ آمريڪي سياح عورت سان مبينا طور تي اجتماعي لڄالٽ جو واقعو پيش آيو آهي.ارابيلا ارپي نالي آمريڪي عورت ٽڪ ٽاڪر مبينا طور تي راجن پور سان واسطو رکندڙ نوجوان مزمل شهزاد جي محبت ۾ پاڪستان آئي هئي. آمريڪي سياح ڪجهه ڏينهن راجن پور جي منصور آباد ڪالوني ۾ رهائش اختيار ڪئي، ان ئي دوران هوءَ پنهنجي مقامي دوست سان گڏ فورٽ منرو ۽ ڪوٽ مٺن به گهمڻ وئي.
ارابيلا ارپي راجن پور جي رهواسي مزمل شهزاد سميت ٻن ڄڻن تي فورٽ منرو ۾ مبينا زيادتي جو الزام هنيو آهي.بي ايم پي فورٽ منرو ٿاڻي تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ ڪارروائي ڪندي مک جوابدار مزمل شهزاد ۽ هوٽل جي مالڪ اذهان کوسا کي گرفتار ڪيو ويو آهي.19 جولاءِ تي مقامي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ته پرڏيهي سياح عورت کي ڪمانڊنٽ بي ايم پي اڪرام ملڪ جي نگراني ۾ برقعو پائي ڪارن شيشن واري گاڏي ۾ آندو ويو، ان موقعي تي ميڊيا جي نمائندن کي به عدالت ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو. عدالت جوابدار شهزاد ۽ اذهان جو 6 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو، جڏهن ته متاثر عورت جو ميڊيڪل ڪرائڻ ۽ دار الامان موڪلڻ جو حڪم ڏنو. هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وڏي وزير هدايت ڪئي آهي ته گرفتار جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ متاثر عورت کي هر قيمت تي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button