پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ آبادي جي عالمي ڏهاڙي تي پاپوليشن کاتي جي جاڳرتا ريلي

حيدرآباد: ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيسر حيدرآباد بخت علي سيال چيو آهي ته پاڪستان جي آبادي ڏينهون ڏينهن تيزي سان وڌي رهي آهي، جنهن تي ضابطو آڻڻ تمام ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته آبادي جي مسلسل واڌ سان اسان جي وسيلن تي وڏو بار پوندو ۽ سهولتن جي کوٽ پيدا ٿي ويندي، جنهن کي منهن ڏيڻ مشڪل هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه آبادي جي ڀلائي واري کاتي حيدرآباد پاران آبادي جو عالمي ڏهاڙي ملهائڻ جي حوالي سان کاتي پاران ماڊل اسڪول اولڊ ڪئمپس حيدرآباد کان پريس ڪلب حيدرآباد تائين ڪڍيل جاڳرتا ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو.

جنهن ۾ ميري اسٽوپ سوسائٽي جي ضلعي مينيجر زوهيب ڪاڪا ۽ سندس ٽيم کان علاوه پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي عملدارن، عملي، خانداني رٿابندي جي ڊاڪٽرن، عملي، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته آبادي وڌڻ هڪ ايٽم بم مثل آهي، جنهن سان نه فقط تعليم، صحت سميت ٻين شعبن تي بار وڌي ٿو پر ٻيا به مسئلا وڌي وڃن ٿا ۽ سرڪار سان گڏ عوام کي به ڀوڳڻو پوي ٿو، جنهن سبب اسان کي ان مسئلي تي سنجيدگي سان ڌيان ڏيڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button