سيراڻي: جي ڊي اي جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي سيراڻي پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سيراڻي شهر ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي هاڻي بينظير جي پارٽي نه رهي آهي، پيپلزپارٽي ۾ زرداري ٽولو موجود آهي، جيڪو سنڌ جي وسيلن تي قابض آهي.
هن چيو ته سنڌ جا حلالي پٽ سجاڳ ٿين، پنهنجي ووٽ جي پرچي ذريعي سنڌ جي قسمت بدلائي سگهن ٿا. هن چيو ته عوام زرداري ٽولي مان بيزار ٿي چڪو آهي. انهيءَ موقعي تي اڳوڻي سڪريٽري مير محمد پرهياڙ، بشير احمد نوتڪاڻي، ڊاڪٽر نواز لنڊ ۽ ٻين خطاب ڪيو.