ماتلي: 17 ڏينهن اڳ ماتلي جي واحدآباد ڪالوني ۾ ھٿياربندن ھٿان فائٔرنگ ۾ قتل ٿيل نينگر 15 ورھين جي پون ڪمار جي قاتلن جي گرفتاري لا ڪالهه شھر ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪرڻ کانپو حيدرآباد-بدين با پاس روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي روڊ تي رڪاوٽون رکي ۽ ٽائٔرن کي باھيون ڏئي سوين عورتون، مرد ۽ ٻارڙا ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. جنهن سبب روڊ جي ٻنھي پاسن کان وڏي انگ ۾ گاڏيون بيھي رھيون ۽ مختلف شھرن ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
مقتول پون ڪمار جي پي ۽ ما جو چوڻ ھو ته ماتلي پوليس سندن پٽ جي قاتلن جي گرفتاري لا سنجيده ناهي، 17 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو ويو آھي، جنهن مان معلوم ٿئٔي ٿو ته سندن پٽ جو خون لوڙھيو ويندو. ھنن پٽ جي قاتلن جي جلد گرفتاري جي گھر ڪئي، بعد ۾ ماتلي پوليس ڌرڻي واري ھنڌ پھچي جوابدارن جي جلد گرفتاري جي خاطري کانپو ڌرڻو ختم ڪيو ويو.