ميرپوربٺورو/جهوڪ شريف: گنج بحر ڪئنال ۾ مڪمل پاڻي جي کوٽ خلاف ميرپوربٺورو ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته جهوڪ شريف ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، ان سلسلي ۾ آبادگارن ۽ قومي پارٽي جي سڏ تي ميرپوربٺورو شھر ۾ شٽربند ھڙتال ڪري ڪاروباري چوڪ، مھرشاھه، کورواھه اسٽاپ، مين بس اسٽاپ، جي ايم سيد چوڪ، شاھي بازار، پمپ ۽ عيد گاھه گلي سميت ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا، شھر ۾ قومي پارٽي جي قادر بخش زئور، انور خاصخيلي، آبادگار اڳواڻن دائود زئور، غلام علي زئور جي اڳواڻي ۾ گشت ڪري شھر مڪمل بند ڪرايو ويو، روڊ تي ٽريفڪ به معمول مطابق گھٽ ٿي وئي. هوڏانهن سوين ماڻھن قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور، ايوب زئور، محمد خان ابڙو، گھنور چانڊيو، امين لنڊ، قادر بخش زئور، انور خاصخيلي، نعمان شورو، ڏاڏا اسماعيل شورو، آڪاش زئور، يوسف ڪنڀار، علي حسن جلالاڻي ۽ رياض زئور جي اڳواڻي ۾ علي بندر کان ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مين بس اسٽاپ تي پهتي، جتي ڌرڻو ھنيو ويو، ڌرڻي ۾ آبادگارن سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ھٿ وٺي گنج بحر ڪئنال جو پاڻي بند ڪري عوام کي پريشان ڪيو پيو وڃي، گنج بحر جو پاڻي اقتداري ڌريون کڻي ٿيون وڃن، پاڻي نه ھجڻ سبب لکين روپين جو آبادگارن جو ٻيجو سڙي پيو ۽ آبادگار طبقو پريشان آھي، جعمي تائين پاڻي نه مليو ته ڌرڻو ھنيو ويندو. هوڏانهن جهوڪ شريف جي گنج بحر ڪئنال ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن اشرف جتوئي، بختيار جتوئي، عزيز پٺاڻ، قيوم شورو ۽ ٻين چورواھه موري تي سجاول-ٽنڊومحمد خان روڊ تي ٽي ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ۽ آبپاشي عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي.