ٽنڊو محمد خان: ٽنڊو محمد خان ۾ ضلعي سجاول جي رهواسي زال ۽ مڙس جو تحفظ لا احتجاج،خبر موجب سجاول جي ڳوٺ عثمان ملاح جي رهواسڻ عظيمى پٺاڻ پنهنجي مڙس خادم حسين ملاح سان گڏجي ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسان جا مائٽ اسان جي جان جا دشمن بڻجي ويا آهن ۽ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن، هنن چيو ته اسان جي شادي ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي مرضيءَ سان ٿي آهي پر اسان جا مائٽ اسان کي تنگ ڪري رهيا آهن. هنن اپيل ڪئي ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close