حيدرآباد: پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪوچيئرمين آصف زرداري جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته 24 جولائي تي رڳو تير هلندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه حيدرآباد ۾ اليڪشني مهم دوران عوام کي مختصر خطاب دوران ڳالهائيندي ڪيو. خبر موجب پ پ ڪوچيئرمين آصف زرداري ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري بلدياتي اليڪشني مهم جي سلسلي ۾ ڪالهه صوبائي وزير ڄام خان شورو جي قاسم آباد واري رهائشگاهه شورو هائوس تي پهتي، جتي ڪارڪنن سندس شاندار استقبال ڪيو، جنهن کانپو آصفه ڀٽو زرداري صوبائي وزير ڄام خان شورو، مقامي پ پ قيادت ۽ ڪارڪنن سميت ريلي جي صورت ۾ نڪتي ۽ چانڊيا ڳوٺ پهچندي آصفه ڀٽو زرداري عوام کي مختصر خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي ترقي پسند، خوشحال ۽ سڀني لا هڪجهڙو پاڪستان چاهي ٿي.
هن چيو ته اميد ڪريان ٿي ته 24 جولا تي هر مرد، عورت، نوجوان ۽ بزرگ تير تي مهر هڻي پاڪستان پيپلزپارٽي کي ڪامياب ڪندا. هن چيو ته 24 جولائي تي رڳو تير هلندو، مرد، عورتون ۽ نوجوان گهرن کان نڪري تير جي نشان تي ٺپو لڳائي بلاول ڀٽو جو ساٿ ڏئي پ پ اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن. هوڏانهن آصفه ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ ريلي نسيم نگر چوڪ، حسين آباد، ڀٽائي نگر، غريب آباد چوڪ کان ٿيندي هالاناڪه وٽ پهتي، ريلي جو پ پ ڪارڪنن چوڪن ۽ چوراهن تي شاندار استقبال ڪيو ويو هو، آصفه ڀٽو زرداري جي ريلي هالاناڪه وٽ ختم ٿي وئي هئي، جنهن کانپو هو ڪراچي رواني ٿي وئي هئي. واضح رهي ته آصفه ڀٽو زرداري حيدرآباد ۾ اليڪشني مهم دوران نڪتل ريلي ۾ مسلسل شريڪ ڪارڪنن جي لا حسين آباد وٽان هڪ ريڙهي تان فروٽ خريد ڪري گاڏي مان پاڻ لهي ڪارڪنن کي فروٽ ڏنو، سندس ڪارڪنن جي اهڙي نرالي سار تي ڪارڪن پرجوش ٿي ويا، جن “زنده هي بي بي زنده هي” وارا نعرا هنيا. پ پ سنڌ جو اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراهه، شگفته جماڻي، صغير قريشي ۽ ڪاشف شورو به آصفه ڀٽو زرداري سان هئا.