چيئرمين سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ ڪنوينر سنڌ ايڪشن ڪميٽي سيد جلال محمود شاهه بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ حڪومتي سرپرستي ۾ پري پول ڌانڌلي، ايس يو پي ۽ مخالف ڌر جي اميدوارن تي حملن ۽ حراسان ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آھي ته ٽنڊوالهيار جي يوسي شاهپور رضوي تان سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي چيئرمين جي اميدوار غلام حيدر ميرجت جي والد کي صوبائي وزير ضياءَ عباس شاهه حراسان ڪري رهيو آهي. ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ايس يو پي خلاف انتقامي ڪاررواين جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. مخالفن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي بدنام ڪيو پيو وڃي. ھن وڌيڪ چيو ته اسان جي اميدوارن کي بدترين انتقامي سياست جو نشانو بڻايو پيو وڃي. سيد جلال محمود شاهه چيو ته غلام حيدر ميرجت جو والد وڪيو مير جت گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول شاهپور رضوي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر آهي، جنهن ڪي صوبائي وزير ضياءَ عباس جي چوڻ تي بنا ڪنهن اطلاع ۽ نوٽيس جي معطل ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير ضياءَ عباس ٽنڊوالهيار ۾ ايس يو پي ۽ مخالف ڌر جي اميدوارن کي حراسان ڪري رهيو آهي، سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير جي تڪ ۾ ايس يو پي اميدوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري سندن سياسي وفاداريون تبديل ڪيون پيون وڃن. سنڌ حڪومت جي حڪم تي ايس يو پي جي ڪارڪنن ۽ اميدوارن تي ڪوڙا دهشتگردي جا ڪيس قائم ڪيا پيا وڃن. آصف زرداري سنڌ کي پوليس اسٽيٽ بڻائي ڇڏيو آهي. سيد جلال محمود شاهه وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي انتقامي ڪاررواين بلدياتي چونڊن کي شڪي بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي پاران ايس يو پي جي اميدوارن ۽ سندن خاندانن کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. بلدياتي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ پوليس جي موجودگي ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي. پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي کي چورائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. سيد جلال محمود شاهه چيو ته اسان سنڌ حڪومت کي خبردار ڪريون ٿا ته ايس يو پي جا ڪارڪن لاوارث نه آھن. ايس يو پي اهڙين سازشن ۽ انتقامي ڪاررواين خلاف سياسي، جمهوري انداز ۾ آواز اٿاريندي. اسان جي ڪارڪنن سان ڪنهن به قسم جي ناانصافي برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ چيف جسٽس کي سرڪاري وسيلا ۽ سرڪاري مشينري جي استعمال جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن مطالبو ڪيو ته مڪاني چونڊون فوج ۽ عدليه جي نگراني ۾ ڪرايون وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close