اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي ڏيواليو ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ۽ نه ڪڏهن ٿيندو.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي آفيسرن چيو ته موجوده مالي سال 2022-2023 پاڪستان سميت عالمي معيشت لاءِ انتهائي مشڪل سال آهي، عالمي سطح تي مهانگائي جي شرح گذريل سال جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي وڌي وئي آهي، پاڪستان پڻ ان جي اثر هيٺ اچي ويندو. آفيسرن جو چوڻ هو ته هلندڙ سال فيبروري کانپوءِ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جو پاڪستان تي اعتماد ختم ٿي ويو ۽ آءِ ايم ايف پاران معاهدي جي شرطن تي عمل نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ عملي سطح تي معاهدو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اسٽيٽ بئنڪ جي هڪ سينيئر آفيسر ٻڌايو ته آءِ ايم ايف جون موڪلون آگسٽ ۾ ختم ٿي رهيون آهن ۽ آءِ ايم ايف بورڊ موڪلن کانپوءِ جلد دستياب تاريخ تي اجلاس ڪندو، جنهن ۾ پاڪستان جي معاشي جائزي جي منظوري ڏني ويندي ۽ پاڪستان کي قرض جي قسط پڻ جاري ڪئي ويندي. ڊالر جي قيمت ۾ واڌ جي حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ جي عملدارن جو چوڻ هو ته ڊالر جي قيمت ۾ واڌ جي حوالي سان آءِ ايم ايف جو اڳواٽ شرط نه آهي ته ڊالر کي ڪهڙي ريٽ تي وٺي وڃڻو آهي.هن چيو ته آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ شامل پارٽي (پي ٽي آءِ) شرطن تي عمل نه ڪيو، آءِ ايم ايف نگران حڪومت سميت ڪنهن به حڪومت سان ڳالهيون ڪندو آهي، جنهن تحت پاڪستان سان پروگرام کي اڳتي وڌايو ويندو آهي. غير رسمي ڳالهه ٻولهه ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي عملدارن چيو ته آءِ ايم ايف ۽ امداد ڏيندڙ ملڪ گڏ آهن، جيئن ئي عالمي مالياتي فنڊ سان معاهدو ٿيندو ته دوست ملڪ به امداد لاءِ تيار ٿي ويندا. عالمي مهانگائي سبب پاڪستان ۾ هلندڙ مالي سال ۾ مهانگائي جي شرح 18 کان 20 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، ملڪ جون حالتون سريلنڪا ۽ گهانا کان بلڪل مختلف آهن.اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي عملدارن جو چوڻ هو ته معاشي صورتحال تي مسلسل نظر رکي پئي وڃي، رپئي جي قدر کي مستحڪم رکڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، پاڪستان ڪڏهن به ڊيفالٽ نه ٿيندو ۽ نه ڪڏهن ڏيوالو ٿيندو. اختيارين جو چوڻ هو ته رپئي جي قدر ۾ واڌ لاءِ پاڪستان غير ضروري درآمدات ۾ گهٽتائي ڪئي آهي، حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدا ڪري صورتحال بهتر ڪئي آهي ۽ ملڪي معيشت کي سنڀالڻ لاءِ تمام مشڪل فيصلا ڪيا آهن، پر هلندڙ مالي سال 2022-23 ملڪ جي معيشت لاءِ ڏکيو سال آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ معاشي پاليسيون فيبروري 2022ع کان عدم استحڪام جو شڪار آهن، تازين ضمني چونڊن کانپوءِ ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر عدم استحڪام کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌڻ ۽ درآمدات ۾ واڌ سبب رپئي تي دٻاءُ آهي. درآمدي بل ۾ گهٽتائي لاءِ بجلي جي مشينري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي شرط تي سمورن ڏکين معاهدن تي عمل ڪيو پيو وڃي، درآمدي بل تمام وڏو آهي، جنهن کي فوري طور گهٽائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جو مجموعي قرض جي ڊي پي جي 70 سيڪڙو جي برابر آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي آفيسرن وڌيڪ چيو ته اسان اهو نه چونداسين گھٻرايو نه، اسان چئون ٿا گھٻرايو پر گھڻو نه گھٻرايو، ڇو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ھي مالي سال عالمي معيشت لاءِ سڀ کان ڏکيو سال آھي ۽ آءِ ايم ايف هن جو اعتراف ڪيو آهي ته عالمي سطح تي موجوده معاشي صورتحال ڪورونا کان وڌيڪ خطرناڪ آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close