سنڌ جي مڪاني کاتن واري وزير ناصر شاهه چيو آهي ته حڪومت وڃڻ کانپوءِ عمران خان کي آصف زرداري فوبيا ٿي وئي آهي.تحريڪ انصاف چيئرمين جي بيان تي ردعمل ڏيندي ناصر شاهه چيو ته عمران خان پاڻ ٽيسٽ ٽيوب سياستدان آهي، جنهن کي خبر ئي ناهي ته سياست جا قدر ڇا هوندا آهن.هن چيو زرداري صاحب ته گهڻو وقت جيل ۾ گذاريو آهي، هاڻ عمران خان جو وارو آهي، بوزدار حڪومت ٺاهڻ لاءِ ميمبرن جون وفاداريون تبديل ڪيون ويون، عمران خان کي ان جو حساب به ڏيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته عمران خان جي مرضي آهي ته عدالتون ۽ سمورا ادارا سندس چوڻ تي هلن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close