اڳوڻي ناڻي واري وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شوڪت ترين ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل لاءِ پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته مهانگائي جو طوفان ايندو ۽ توهان چئي رهيا آهيو ته معيشت ٺيڪ آهي. ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شوڪت ترين چيو ته آءِ ايم ايف توهان کي لٺ هنئي ته توهان 450 ارب رپين جا ٽيڪس لڳائي ڇڏيا، مفتاح صاحب توهان جو ڌيان ڪٿي آهي؟ هن چيو ته مفتاح اسماعيل دوست ملڪن جي آڇ بابت ذڪر ڪيو، هاڻوڪي حڪومت دوست ملڪن کان ڊالر وٺڻ جي دعويٰ ڪئي، آءِ ايم ايف سان ڊيل ٿي وئي، آءِ ايم ايف سان معاهدي کانپوءِ رپيو مستحڪم ٿيڻو هو پر انهن جي دعوائن باوجود مارڪيٽ ۾ استحڪام ناهي. سندس چوڻ هو ته هي سڀني کي بيوقوف بڻائي سگھن ٿا پر مارڪيٽ کي نه، هي سموريون معاشي حالتون رڳو سياسي عدم استحڪام جي ڪري آهن. شوڪت ترين وڌيڪ چيو ته مفتاح اسماعيل چوي ٿو ته معيشت ٺيڪ آهي، رپيو ڪري رهيو آهي، مهانگائي جو ڪارڻ اهو آهي ته مارڪيٽ کي انهن تي يقين نه آهي، ملڪي معاشي صورتحال جي بهتري جو حل رڳو صاف ۽ شفاف اليڪشن آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close