پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ انتهاپسندي يا لساني فساد کي برداشت نه ڪيو ويندو:وڏو وزير

سانگهڙ: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبائي پوليس ۾ وڌيڪ سڌارا آڻڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ته جئين عوام کي پوليس کي ڏسڻ سان ئي تحفظ جو يقين ٿئي، ان سلسلي ۾ سي ٽي ڊي ۽ اسپيشل برانچ کي اپ گريڊ ڪرڻ جي منصوبابندي ڪرڻ سميت پوليس جا گريڊ اپ گريڊ ڪيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته پوليس ٽريننگ سينٽر جو دورو ڪري خوشي ٿي. هن پاس آئوٽ ٿيل نوجوانن ۽ نمايان نمبر حاصل ڪندڙن ئي مبارڪ ڏيندي چيو ته اميد آهي ته سنڌ حڪومت جنهن مقصد لاءِ نوجوانن کي ڀرتي ڪيو آهي، اهو پورو ٿيندو، جوانن جو ڪم سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرڻ، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ آهي. هن چيو ته سنڌ صوبو صوفين جي ڌرتي، امن جو گهوارو آهي، هتي هر قوم جو فرد صدين کان اچي آباد ٿيو آهي، جنهن کي هتان جي ماڻهن ڀليڪار ڪيو. هن چيو ته 1980ع ۾ سنڌ جي امن کي نظر لڳي ۽ بدامني شروع ٿي، ڪراچي ۾ حالتون خراب ڪيون ويون، جيڪي اڄ به بهتر ناهن، پر پوليس جي ڪردار سان حالتون بهتر ٿيون آهن. هن چيو ته پوليس ۽ رينجرز پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي امن قائم ڪيو، ڪراچي جنهن کي دنيا جو ستون خطرناڪ شهر سڏيو ويندو آهي، ان جو امن امان بهتر ڪرڻ ۾ پوليس جو وڏو ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته 2008ع ۾ پ پ پ جي حڪومت آئي، سانگهڙ سميت اتر سنڌ ۾ بدامني ايتري هئي جو ماڻهو هائي ويز تي به سفر نه ڪري سگهندا هئا ۽ ڪانوا سان سفر ڪرڻو پوندو هو. هن چيو ته پ پ پوليس ذريعي صوبي ۾ امن آندو ۽ ڪنهن ٻئي جي ضرورت نه پئي، جنهن تي پوليس کي مبارڪون ڏيان ٿو. شهدادپور پوليس ٽريننگ ڪاليج ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته اسان جي خواهش هئي ته تعليم ۽ پوليس سميت ٻين شعبن ۾ ميرٽ تي ڀرتي ڪئي وڃي، پوليس جي ٽريننگ لاءِ فوج جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن، ناڻي کاتي جي صوبائي وزير جي حيثيت سان اهاڪوشش هوندي آهي ته پوليس جون پگهارون ٻين صوبن کان گهٽ نه هجن، شهيد جوانن کي معاوضو ڏيڻ لاءِ آصف علي زرداري خاص هدايتون جاري ڪيون. پوليس مان هڪ ئي اميد آهي ته عوام جئين ئي پوليس کي ڏسي ته کين تحفظ جو يقين ٿئي. وڏي وزير پوليس ٽريننگ سينٽر تي تربيت حاصل ڪندڙ جوانن کي کاڌي پيتي جي مد ۾ وظيفو ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو. ان کان اڳ شھدادپور پوليس ٽريننگ ڪاليج جي 172 وين پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ وڏي وزير خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، اي ايس آئي جي تربيت حاصل ڪندڙ 27 عورتن سميت 561 جوانن وڏي وزير کي سلامي پيش ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي آئي جي سنڌ غلام النبي ميمڻ چيو ته وڏير وزير جا ٿورائتا آهيون، هي ادارو 1951ع ۾ قائم ٿيو، جنهن جي اڄ 172 پاسنگ آئوٽ پريڊ آهي، اڳوڻي وزيراعلى عبدالله شاهه 1994ع ۾ هن کي اسڪول مان ڪاليج جو درجو ڏنو. هن ۾ 2200 اهلڪارن کي تربيت ڏيڻ جي گنجائش آهي. هن پوليس اهلڪارن جا گريڊ وڌائڻ تي وڏي وزير جا ٿورا مڃيندي چيو ته اسان جو ڪم ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ آهي، جيڪو فرض احسن طريقي سان انجام ڏينداسين. هن چيو ته ڪجهه دهشتگردي ۽ بدامني جا واقعا پيش آيا، جن ۾ هاڻي گهٽتائي آئي آهي. تقريب ۾ ايم پي اي فراز ڏيرو، شاهد ٿھيیم، ڄام شبير، امام الدین شوقيین، عاجز ڌامراہه، صوبائي صلاحڪار جاويد ناياب لغاري، پارس ڏيرو رياض شاهه، پرنسپال پي ٽي سي منيیر کھڙو، ڪمشنر عبدالرشیيد زرداري، ڊي آئي جي پير محمد شاهه، پ پ اڳواڻ علي حسن هنڱورجو، جهانگير جوڻيجو، عالمگير جوڻيجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. بعد ۾ پوليس جي جوانن پنهنجي تربيت جون مختلف مشقون پيش ڪيون. هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان سرڪار آئي ايم ايف سان معاهدو ڪيو، پر حڪومت وڃڻ لڳي ته ان کان هٽي ويا، جنهن ڪري اڄ عوام ڀوڳي رهيو آهي، ملڪ کي ڏکئي وقت مان ڪڍڻ لا سڀني کي پنهنجو حصو وجهڻ گهرجي. مراد شاهه چيو ته ضمني اليڪشن ۾ ن ليگ پنهنجي هار تسليم ڪئي آهي ۽ اهي اڳيان وڌي رهيا آهن، پ پ جي سياسي ڪاڪردگي بهتر ٿي آهي، هن ملڪ جو ڪير فاتح ناهي، اسان اليڪشن کٽي ڪڏهن به فاتح ٿي نه ايندا آهيون، پر اسان کي خوشي ان ڳالهه جي ٿيندي آهي ته اسان کي ملڪ ۽ صوبن جي خدمت جو موقعو مليو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ بجلي بحران جي وجه سنڌ ۾ بجلي منصوبن کي پوئتي ڌڪڻ آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪنهن به غيرقانوني ڪم، انتهاپسندي يا لساني فساد کي برداشت نه ڪيو ويندو، حيدرآباد ۾ نوجوان جي قتل بعد سازش تحت سنڌ جو امن خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن تي ڪجهه گرفتاريون ٿيون آهن، نوجوان جا سمورا قاتل به گرفتار ٿي چڪا آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ استادن تي تشدد واقعي ۾ پوليس اختيار اورانگهيا هوندا ته ڪارروائي ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button