پاڪستانسنڌ

پ پ پنهنجن مفادن لا افغانين کي آباد ڪري سڃاڻپ ڪارڊ ڏياريا:زين شاهه

جوهي/ڀان سيدآباد: ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه ڀان ۽ جوهي جا دورا ڪيا. هن جلسن کي خطاب ڪندي چيو ته پ پ مفادن خاطر سنڌ جو سودو ڪري ڇڏيو آهي. ڀان سيدآباد شهر جي دعا چوڪ تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ جلسو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه، مرڪزي نائب صدر روشن ٻرڙو، دريا خان لغاري، اصغر سولنگي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي ايس يو پي جي صدر زين شاهه چيو ته 15 سالن ۾ سنڌ جي وسيلن لا قومي جدوجهد ڪئي آهي، اسٽيبلشمينٽ جي مرضي سان هي حڪومت ٺهي آهي، جيڪا جلد ڊهي ويندي، سنڌ جي عوام کي زرداري ليگ کان نجات ڏيارينداسين. ڀان سيدآباد جو عوام ڪار تي ٺپو هڻي ايس يو پي اميدوارن کي ڪامياب ڪري تبديلي آڻي، بلدياتي اليڪشن سبب اوهان وٽ آيو آهيان، هتي ظلم جو نظام آهي، ان مان نجات ڏيارينداسين، ملڪ جو خزانو خالي آهي، مرڪز ۾ جيئن حڪومت تبديل ٿي، ان بعد اڳ کان به وڌيڪ بدترين نظام ٿي ويو آهي، هي بيمانن جو ٽولو آهي، روڊن ۽ ترقياتي ڪمن جا 70 سيڪڙو پئسا سياستدان کائي وڃن ٿا، هن سال جي بجيٽ 460 ارب آهي، جنهن مان سوا 300 ارب سياسي وڏيرا کائي ويندا ته ڪم ڪٿان ٿئي. هن چيو ته آصف زرداري کان وٺي هيٺين سطح تائين بي ايمان ڪامورن سان گڏجي ڪرپشن پيا ڪن، وڏيرا صرف ڪميشن وٺڻ ۾ پورا آهن، زرداري سنڌ جي بجيٽ کائي ويو آهي، ظلم کان نجات ڏيارڻ لاء نڪتا آهيون، سنڌ اسيمبلي ۾ حقدارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪجي ته اهي عوام جو درد سمجهن ۽ عوامي خدمت ڪن. ايس يو پي جي مرڪزي نائب صدر روشن علي ٻرڙو خطاب ڪندي چيو ته بلدياتي اليڪشن ۾ ايس يو پي ڀرپور ڪاميابي ماڻيندي، مراد علي شاهه عوام جي ڪهڙي خدمت ڪئي آهي جو اهو ماڻهن کان ووٽ وٺندو، عوام جو رت چوسيندڙ هاڻي ڪهڙي منهن سان عوام کان ووٽ وٺندو. ڀان سيدآباد شهر بدمعاشن حوالي ٿيڻ نه ڏينداسين. ووٽ جي طاقت سان تبديلي آڻينداسين، ڀان سيدآباد واسي غلامي جي زنجير ٽوڙي حق جو ساٿ ڏين. روشن ٻرڙو چيو ته پوليس آفيسر ڌانڌلي لا ڪوششون ڪن پيا، پوليس عملدار داٻا ڏيي ماڻهن کان اظهار جي آزادي جو حق پيا کسين. جلسي کي ضلعي صدر دريا خان لغاري، مريد خان بروهي، سهيل ٻرڙو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. هوڏانهن ايس يو پي جو مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاهھ ڀان مان گاڏين جي قافلي ۾ جوهي پهتو، جتي ايس يو پي اڳواڻن، شھرين ۽ دڪاندارن مٿس گلن جي ورکا ڪئي. ذوالفقار چوڪ تي واپاري اڳواڻن ۽ دڪاندارن زاهد چنو, رحيم سرهيو ۽ ٻين کيس سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پيش ڪئي. ايس يو پي جوهي جي اڳواڻن غلام قادر لغاري، جمن ٻٻر، مريد ٻٻر ۽ ٻين پاران وين اسٽاپ وٽ ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي زين شاھه چيو ته پ پ پنهنجن مفادن خاطر سنڌ جو سودو ڪري افغاني پٺاڻن سميت ڌارين جي لوڌ سنڌ ۾ غير قانوني طور آباد ڪري انهن کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرايا آهن، سامونڊي ٻيٽ سميت سنڌو درياهه جي پاڻي تي به ٻين صوبن جا ماڻھو قابض آھن. سنڌ جي هر شعبي ۾ زرداري ۽ سندس سهولتڪارن توڙي ٺيڪيدارن ڪرپشن جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي. جلسي کي ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو خطاب ڪندي چيو ته پ پ وارا بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آھن، پ پ مخالفت ۾ بيٺل اميدوارن کي ڌمڪيون ڏئي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي زبردستي دستبردار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آھي. هن چيو ته جوهي جي وارڊ 2 ۾ ايس يو پي اڳواڻ ڪامريڊ غلام قادر لغاري پ پ اميدوار اڳيان فارم ڀرايو. ان موقعي تي ڪامريڊ قربان کوکر، غلام قادر لغاري، سڪندر سوڍر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button