سنڌ

حمل ڍنڍ جو پاڻي استعمال ڪرڻ لائي ڪئنال ٺاهيا ويندا:نواب سردار چانڊيو

فريد آباد ۾ ڪارنر گڏجاڻي جي جلسي کي خطاب ڪندي ايم نواب سردار خان چانڊيو چيو ته آئون عبدالعزيز جوڻيجو گڏجي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ بلاول ڀٽو کي چيو ته حمل ڍنڍ جي پاڻيءَ کي يوٽيلائيز ڪرڻ لاءِ ڪئنال ٺاهي ڏنا وڃن ته جيئن ڇنڊڻ جي درن کان وٺي منڇر تائين 80 هزار کان وڌيڪ آبادي ٿئي ۽ جتي آباديءَ جو پاڻي نٿو پهچي اتي آبادي جو پاڻي پھچائڻ لا وڏي وزير منظوري ڏني آهي ۽ اهو پراجيڪٽ سال کن ۾ شروع ٿيندو. هن چيو ته فريدآباد کان شاهه گودڙيو تائين نئين سر روڊ منظور ٿي ويو آهي. هن چيو ته يونين ڪائونسل فريدآباد تي پ پ جي نامزد سموري پينل کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندا. عبدالعزيز جوڻيجو چيو ته اسان فريدآباد لاءِ 8 ڪروڙ جي واٽر سپلاءِ اسڪيم ڏني آهي جيڪا ٻن ڏينهن ۾ شروع ٿيندي. فريدآباد شهر کي سي سي بلاڪ ڏنو، فريدآباد کان ڀنڀا ڏيرا تائين روڊ ڏنوآھي. فريدآباد کان ڇٽو ميرواڻي تائين روڊ ڏنو آهي. هن چيو ته لياقت جتوئي کي رڳو ڪوڙ هڻڻ ايندو آهي باقي سياست هن جي ختم ٿي وئي آهي ۽ عوام هن کي رد ڪري چڪي آهي. ڪارنر گڏجاڻي کي ضلع ڪائونسل ميمبر سليم خان ڏيرو، وائيس چيئرمين سڪندر ڏيرو، غلام نبي مڱڻهار، علي خاصخيلي، ارشاد علي ڪرٽيو، مينهون خاصخيلي، حاجي نواز ڪرٽيو، امجد علي گائينچو، عاشق گائينچو، غلام مصطفي’ چنا، نصر الله سولنگي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button