سنڌ

جروار ڀرسان مقتول جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو

جروار ويجهو ڪنڊير شاخ ۾ پنج ڏينهن اڳ قتل ڪيل گل حسن لغاري جي جوابدارن جي گرفتاري لا وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي وارثن عاشق لغاري ۽ ٻين چيو ته گل حسن لغاري کي قتل ڪندڙ جوابدار سعيد بوزدار کي پوليس گرفتار نٿي ڪري. هو اڃا اسان کي قتل جون ڌمڪيون ڏيئي ٿو. بااثر سياسي ماڻھن جي چوڻ تي پوليس جوابدار سعيد بوزدار جو ڪيس مان نالو خارج ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، جيڪڏھن پوليس ائين ڪيو ته اسان مرڻ گهڙي تائين ايس ايس پي گهوٽڪي آفيس اڳيان بک هڙتال تي ويهنداسين. هنن چيو ته گل حسن لغاري کي ناحق قتل ڪيو ويو ۽ راحب لغاري جيڪو زخمي ٿيو هو، ان جي حالت به انتهائي خراب آھن. هنن مطالبو ڪيو ته قتل ڪيس ۾ مک جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ايس ايڇ او امان الله چنا جي اڳواڻي ۾ پوليس ڳوٺ ابل ڳڙهي تي چڙهائي ڪري مقتول گل حسن لغاري جي ڪيس ۾ حاڪم بوزدار، منير بوزدار ۽ شبير بوزدار کي گرفتار ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button