اوٻاوڙو ڀرسان کنڀڙا ٿاڻي جي حد مان 21 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل 2 واپاري روجهاڻ واسي شهباز مزاري ۽ محمد اڪرام جي بازيابي لاءِ ريتي پوليس مبينا ڏوهارين سان مقابلي بعد لنڊو ڦاٽڪ ريڻي ڪئنال وٽان ٻنهي مغوين کي ڌاڙيلن جي چنبي مان باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو. ھوڏانھن ايس ايڇ او ريتي شفيع محمد گولو جو چوڻ آهي ته ڳجهي اطلاع تي پنهنجي نفري ساڻ ڪري جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪارروائي ڪري ڌاڙيلن جي چنبي مان ٻنهي مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو آهي. پڇا ڳاڇا بعد ٻنهي مغوين کي وارثن حوالي ڪيو آھي. مغوين جي بازيابي تي وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي. وارثن خوشي ۾ کنڀڙا ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي نوٽن جا ھار پارايا ۽ پوليس جو شڪريو ادا ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close