اوٻاوڙو ڀرسان 3 ڏينھن اڳ پنجاب جي علائقي ماڇڪو ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ واري واقعي ۾ ٻڏي ويل 23 عورتن جا لاش نه ملي سگھيا. ٻڏي ويلن مان هينئر تائين عورتن ۽ ٻارن سميت 28 لاش مليا آهن. 23 ڄڻن جي ڳولا لا پاڪ فوج جا خاص ٽوٻا پھچي ويا آھن. ڊپٽي ڪمشنر رحيم يار خان سيد موسيٰ رضا ٻڌايو ته ٻيڙي ٻڏي وڃڻ واري حادثي ۾ وڌيڪ 3 عورتن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن، جنهن بعد درياهه مان نڪرندڙ لاشن جو انگ 28 ٿي ويو آهي. پاڪ فوج جا خاص ٽوٻا به ٻڏي فوت ٿيلن جي ڳولا ڪري رهيا آهن. ريسڪيو آپريشن اڄ صبح کان شروع ڪيو ويو آهي. رحيم يار خان جي ترجمان موجب انتظاميا پاڪ فوج جي اسپيشل فورسز سان گڏجي سنڌو درياهه ۾ ٻڏي فوت ٿيندڙ ڄاڃين جي ڳولا لاءِ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close