لاڙڪاڻي جي سهيل ڪالوني جي رهواسين بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر شوڪت ابڙو، غلام نبي پيرزادو، رفيق علي مگسي، شفيق الرحمٰن ٻرڙو، مشتاق ساريو، محمد اويس جتوئي، احمد علي لغاري، صابر حسين ڪلهوڙو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته 30 سالن کان وٺي سهيل ڪالوني ۾ بجلي، گئس، ڊرينج سسٽم سميت روڊ رستا ناهن، جڏهن ته اليڪشن وقت سياسي ماڻهو اسان وٽ اچي ڪوڙا واعده ڪري ووٽ وٺڻ بعد گم ٿي وڃن ٿا، پر اسان جون تڪليفون ياد نه ٿيون اچن. هنن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا پ پ اڳواڻن سميت پبلڪ هيلٿ ۽ ضلعي انتظاميا کي شڪايتون ڪيون آهن، پر افسوس جو اسان جي دانهن ٻڌڻ وارو ڪو ناهي. هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، وڏي وزير، ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي سهيل ڪالوني ۾ بنيادي سهولتون مهيا ڪري انصاف ڪيو وڃي.