سنڌ

داپور ويجهو لعل شهباز شاخ کي 15 فوٽ گهارو،فصل ٻڏي ويو

دوداپور ويجهو لعل شهباز شاخ کي 15 فوٽ گهارو پئجي ويو، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو. ڳوٺ عبدالمجيد جکرو وٽان لعل شهباز شاخ کي 15 فوٽ گهارو لڳو، گهاري سبب سارين جو پوکيل ٻيجارو پاڻي هيٺ اچي ويو، ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو ته آبپاشي عملدارن کي اطلاع ڪرڻ باوجود آبپاشي عملدار نه پهتا، جنهن ڪري اسان ڳوٺاڻن جو لکين رپين جو نقصان ٿيو آھي ۽ اسان جا فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. جڏهن ته سھولت نه ھجڻ ڪري وڏي تڪليف سان پنھنجي مدد پاڻ تحت گھارو بند ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button