سنڌ

هوسڙي جي درگاهه جي پلاٽ تي قبضي خلاف ميهڙ ۾ احتجاج

ميهڙ ۾ سماجي اڳواڻ ڪامريڊ انور ملاح هوسڙي ۾ درگاهه سيد محمد شاهه جي پلاٽ تي قبضي خلاف ڀٽائي پريس ڪلب ميهڙ اڳيان پٺا اگهاڙا ڪري جسم سان زنجير جڪڙي وات ۾ سڪل ماني وجهي انوکو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ڪامريڊ انور ملاح صحافين آڏو دانهيندي چيو ته هوسڙي ويجهو سيد محمد شاهه درگاهه جي 4 جريب پلاٽ تي بااثر قبضي خور رمضان بروهي، جمعا خان بروهي، اختيار آرائين، سهيل ميمڻ ۽ ٻين قبضو ڪيو آهي. هن چيو ته درگاهه جي خدمتگار منهنجي وڏي ڀا فقير غلام سرور ۽ مون کي احتجاج ڪرڻ تي نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آھن. هن چيو ته اسان غريب ۽ شريف ماڻهو آهيون، مخالف بااثر ۽ قبضي خورن اڳ به حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ قبضا ڪيا آهن. جن کي بااثر سياسي ماڻهن ۽ پوليس جي پٺڀرائي حاصل آهي. هن ڊي آ جي ۽ ايس ايس پي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي درگاهه سيد محمد شاهه جي پلاٽ تان قبضو ختم ڪرائي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button