اسلام آبادپاڪستان

عمران کي وڌيڪ 10 ڪيسن ۾ ڪچي ضمانتن ۾ واڌ ملي وئي

اسلام آباد : تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي وڌيڪ 10 ڪيسن ۾ ڪچي ضمانتن ۾ واڌ ملي وئي. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ سيشن عدالت ۾ لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ عمران خان جي ڪچي ضمانتن ۾ واڌ جي درخواست تي شنوائي ٿي. عدالت عمران خان جي وڌيڪ 10 ڪيسن ۾ ڪچين ضمانتن ۾ 30 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي. عمران خان جي خلاف داخل ڪيسن جي شنوائي سيشن جج ڪامران بشارت مفتي ڪئي. عمران خان جي وڪيل عدالت کي درخواست ڪئي ته عمران خان لاهور ۾ آهي تنهنڪري حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪئي وڃي. جج ريمارڪس ڏنا ته هي اوهان جو سياسي معاملو آهي پر جوابدار جو پيش ٿيڻ ضروري آهي. جونيئر وڪيل راءِ تجمل بابر اعواڻ بابت ٻڌايو ته هو ملڪ کان ٻاهر وڃي رهيو آهي تنهنڪري ڪيس جي پيروي لاءِ پيش نه ٿي سگهيو. عمران خان ڪوهسار ٿاڻي جي ڪيس نمبر 425 ۾ به ضمانت لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو. عدالت چيو هو ته ڪوهسار ٿاڻي ۾ داخل ڪيس نمبر 425 ۾ عمران خان جو پيش ٿيڻ لازمي آهي. جج ريمارڪس ڏنا ته ڪيس نمبر 425 ۾ فريش ضمانت آهي، تنهنڪري جوابدار پيش ٿيندو ته حڪم جاري ڪندس. جونيئر وڪيل راءِ تجمل عدالت کي درخواست ڪئي ته فريش ضمانت جي درخواست به ايندڙ شنوائي لاءِ مقرر ڪئي وڃي، جنهن تي عدالت ڪيس نمبر 425 ۾ داخل فريش درخواست ضمانت به 30 جولاءِ لاءِ مقرر ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button