اسلام آبادپاڪستان

رٽائرڊ ڪامورو آفتاب سلطان ٽن سالن لاءِ نيب جو نئون چيئرمين مقرر

اسلام آباد:وزيراعظم شهباز شريف جي ڪابينا اڳوڻي انٽيليجنس بيورو (آءِ بي) جي سربراهه ۽ رٽائرڊ پوليس آفيسر آفتاب سلطان کي ٽن سالن لاءِ قومي احتساب بيورو (نيب) جو نئون چيئرمين بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي حڪومت طرفان اٽيليجنس بيورو جي اڳوڻي چيئرمين آفتاب سلطان کي نيب جو نئون چيئرمين نامزد ڪيو ويو آهي. آفتاب سلطان جي مقرري جو فيصلو وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض وچ ۾ اتفاق راءِ کانپوءِ ڪيو ويو. وزيراعظم اهو فيصلو لاهور ۾ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان مشاورت کانپوءِ ڪيو. آفتاب سلطان جو واسطو پوليس سروس سان هو ۽ هو پوليس ۾ 22 هين گريڊ جو آفيسر هو ۽ عهدن سميت آءِ بي جي ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي تي به رهي چڪو آهي. آفتاب سلطان هڪ ايماندار آفيسر جي حيثيت سان شهرت رکي ٿو. سندس نالو مسلم ليگ (ن) تجويز ڪيو. آفتاب سلطان آءِ جي پنجاب ۽ نيشنل پوليس اڪيڊمي جو ڪمانڊنٽ پڻ رهي چڪو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا آفتاب سلطان کي چيئرمين نيب مقرر ڪرڻ جي باضابطا منظوري به ڏئي ڇڏي آهي. ان کان علاوه آفتاب سلطان جي نيب چيئرمين طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، اهو نوٽيفڪيشن قانون ۽ انصاف واري وزارت طرفان جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب آفتاب سلطان کي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ سان مشاورت کانپوءِ مقرر ڪيو ويو آهي. آفتاب سلطان ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي حڪومتي دور ۾ انٽيليجنس بيورو جو سربراهه رهي چڪو آهي. 2002ع ۾ پرويز مشرف جي حڪومتي دور ۾ آفتاب سلطان ڊي آءِ جي سرگوڌا مقرر ٿيو، کيس مشرف حڪومت معطل پڻ ڪيو ويو هو. 2013ع جي عام چونڊن دوران آفتاب سلطان کي آءِ جي پنجاب مقرر ڪيو ويو هو. هن کي پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ وزير اعظم يوسف رضا گيلاني پاران انٽيليجنس بيورو جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو ۽ شاهد خاقان عباسي جي مسلم ليگ حڪومت ۾ 5 سالن تائين هن عهدي تي رهيو. آفتاب سلطان جو تعلق فيصل آباد سان آهي. هن پنهنجي پوليس ڪيريئر جي شروعات 1977ع ۾ بطور اي ايس پي پنجاب پوليس ڪئي. آفتاب سلطان جو پي ۽ ماءُ ٻه ڀيرا قومي اسيمبلي جا ميمبر ٿي چڪا آهن. برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي موجب آفتاب سلطان ٻيو اڳوڻو بيوروڪريٽ آهي جنهن کي ان عهدي تي مقرر ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ اڳوڻي بيوروڪريٽ چوڌري قمر زمان کي نيب چيئرمين مقرر ڪيو ويو هو. نيب جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ چيئرمين اعليٰ عدليا جا رٽائرڊ جج يا رٽائرڊ جنرل ئي رهيا آهن، جن سياسي اڳواڻن کان علاوه واپارين ۽ بيوروڪريٽس جو به خوب احتساب ڪيو. واضح رهي ته هي عهدو اڳوڻي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه هفتن کان خالي پيل هو. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ باوجود جاويد اقبال جي مدي ۾ صدارتي آرڊيننس ذريعي واڌ ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button