پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم لڳ وين جو بيٺل ٽرالر سان ٽڪر، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم لڳ مسافر وين بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، هڪ عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي، وين ڊرائيور فرار ٿي ويو. خبر موجب ٽنڊوآدم لڳ شاهبيگ مري وٽ ڪراچي کان سانگهڙ ويندڙ تيزرفتار وين روڊ ڀرسان بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ سانگهڙ جي رهواسڻ 46 ورهين جي ٽيزا زال منظور مسيح ٿڏي تي فوت ٿي وئي. جڏهن ته سندس مڙس منظور مسيح، ڊاڪٽر هاشم جانوڻي ۽ سندس زال نظيران سميت 10 مسافر زخمي ٿي پيا.

فوتي عورت ۽ زخمين کي ڳوٺاڻن تعلقه اسپتال ٽنڊوآدم پهچايو. جڏهن ته معمولي زخمي اسپتال اچڻ بدران مختلف گاڏين ۾ سانگهڙ روانا ٿي ويا. حادثي بعد وين ڊرائيور فرار ٿي ويو. اطلاع ملڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊوآدم عمران نذير شيخ، ايس ايڇ او بي سيڪشن حادثي واري هنڌ پهتا. پوليس جو چوڻ آهي ته وين ڊرائيور جي نالي جي خبر پئجي ناهي سگهي. ڊرائيور کي ننڊ جو جهٽڪو اچڻ سبب وين روڊ ڀرسان بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي. جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button