پاڪستانسنڌ

اليڪشن ڊيوٽين سبب ڏوهارين فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي: ڊي آ جي حيدرآباد

ٺٽو: ڊي آ جي حيدرآباد پير محمد شاھه چيو آھي ته اليڪشن ڊيوٽين ۾ پوليس مصروف هجڻ ڪري ڏوهارين موقعي مان فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، ٺٽي ۾ ڏينهن ڏٺي واپاري نوجوان شھزاد دراني جو بيرحماڻي نموني ڦر دوران قتل انتهائي افسوسناڪ واقعو آھي، جنهن کي لساني رنگ نه ڏيئي شھيد جي وارثن ۽ ٺٽي جي شھرين توڙي واپارين انتھائي مثبت عمل ڪري قانوني رستو اختيار ڪيو آھي. ڪالهه ڊي آ جي حيدرآباد پير محمد شاھه ٺٽي ۾ 3 ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿان ڦر دوران مزاحمت تي گوليون هڻي قتل ڪيل نوجوان شھزاد دراني جي والد حاجي اسماعيل دراني ڀاءُ ۽ ڪيس جي فريادي شيرازي دراني ۽ واپاري اڳواڻن سان ڏک ونڊڻ بعد کين خاطري ڪرائي ته قاتل جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏياري ويندي.

ان موقعي تي ميڍيا سان ڳالهائيندي ڊي آ جي حيدرآباد پير محمد شاھه وڌيڪ چيو ته ٺٽي شھر جي اندر امن امان قائم رکڻ لا پوليس جي اضافي نفري مقرر ڪرڻ سان گڏوگڏ سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي سسٽم کي وڌيڪ فعال بڻايو ويندو ۽ هن ها پروفائيل واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي نشاندهي ۽ گرفتاري لا ھٿ آيل سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان توڙي جديد ٽيڪنالاجي وسيلي مدد حاصل ڪري ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. اُن موقعي تي ايس ايس پي ٺٽو عديل چانڊيو، ڊاڪٽر ڪامران قريشي، مٺا خان لاشاري، ڪامران غني، رحيم خان دراني، محبوب شاھه، صلات خان، حبيب شاھه ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button