ماتلي: ٽنڊو غلام حيدر تعلقي جي ڳوٺ حڪيماڻي سيد جي رھواسڻ پرڻيل عورت شبانه چانڊيو جوابدارن جي زيادتين کان تنگ ٿي ماتلي پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي چيو ته ٻارن جي معمولي ڳالھه تان لکاڏنو چانڊيو، رفيق چانڊيو، نور محمد چانڊيو مڙس جي غيرموجودگي ۾ گھر تي حملو ڪري ٻارن کي گھٽا ڏنا ۽ واھه ۾ لوڙھڻ جي ڪوشش ڪئي.
ھن چيو ته رڙين تي پاڙي وارا ڊوڙي آيا جن ٻارن کي ته بچائي ورتو پر تنهن ھوندي به جوابدارن لٺيون ھڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا. جنهن جو فرياد ھن حد جي ڏندو ٿاڻي تي ڪيو پر پوليس ڪجھه به نه ڪيو. ھن ٻڌايو ته جوابدارن خلاف دانھڻ تي مٿيان ماڻھو ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن ۽ دٻا وجھي رھيا آھن. هن چيو ته انصاف ڪري تحفظ ڏيڻ سميت جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.