حيدرآباد/مٽياري: عورتن جي ترقي واري صوبائي وزير سيده شهلا رضا والدين تي زور ڀريو آهي ته اهي ننڍي ڄمار وارين ڇوڪرين جي اغوا جي واقعن جي روڪٿام جي سلسلي ۾ پنهنجو آواز بلند ڪن ته جيئن مظلوم ڇوڪرين کي زبردستي جي شادي کان تحفظ مهيا ڪري سگهجي. اها ڳالهه هن ڪالهه ام هانيا جي مبينا اغوا واري ڪيس جي حوالي سان سيف هائوس حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چئي. هن چيو ته آئون صوبي جي سمورن والدين کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿي ته عورتن جي ترقي وارو کاتو مظلوم والدين جو آواز آهي، ان ڪري والدين کي گهرجي ته اهي معاشري ۾ ننڍي ڄمار وارين ڇوڪرين سان ٿيندڙ ظلم خلاف بنا خوف پنهنجو آواز بلند ڪن. صوبائي وزير ٻڌايو ته ام هانيا جي والدين جو چوڻ آهي ته سندن ڇوڪري اڃا فقط 11 سالن جي آهي، جنهن کي اغوا ڪري ڏوهاري زبردستي شادي ڪري ورتي آهي، جڏهن ته ڇوڪري جي هن وقت شادي جي عمر به نه آهي. صوبائي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته پاڪستان يونائيٽيڊ ليگل الائنس پاران ڇوڪري جي بازيابي لاءِ ها ڪورٽ حيدرآباد ۾ سيڪشن 491 تحت درخواست جمع ڪرائي وئي آهي.
صوبائي وزير چيو ته لاڳاپيل پوليس کي چائيلڊ ميرج ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرڻ گهرجي ها پر اهو ڏٺو ويو آهي ته پوليس جو ڪردار اهڙي طرح جي ڪيسن ۾ جانبدارانه هوندو آهي ۽ پوليس جي غيرسنجيدگي سبب اهڙن ڪيسن ۾ ڌرين کي اها مدد نٿي ملي جيڪا ملڻ گهرجي. هوڏانهن عورتن جي ترقيءَ واري کاتي جي صوبائي وزير سيده شهلا رضا مٽياري پهچي سيف ھائوس جو پڻ دورو ڪيو ۽ انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي صوبائي وزير سيده شهلا رضا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي 20 ضلعن ۾ مظلوم عورتن لاءِ سيف ھائوس جو باقاعده بنياد رکيو ويو آهي، جتي انهن جي حفاظت ۽ ھر قسم جي سهولت فراهم ڪئي ويندي آهي، تشدد ٿيل عورتن کي فرسٽ ايڊ ۽ گهربل ٻيون سهولتون پڻ فراهم ڪيون وينديون آهن. صوبائي وزير چيو ته عورتن جي حفاظت اسان جي اولين ترجيح آهي، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي.