ڪراچي: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف بيان ڏيڻ تي سندس ڌيءَ بختاور ڀٽو زرداري پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي سخت جواب ڏنو آهي. بختاور ڀٽو زرداري عمران خان جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته اوهان ثبوت سان پنهنجي جنون کي عدالت ۾ ڇو نٿا کڻي وڃو، نه ته اسان جا وڪيل اوهان خلاف ساک متاثر ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪندا. هن چيو ته افسوس آهي جو اوهان ڪڏهن آئين پڙهيو ئي ناهي ڇو ته غداري ٿيڻ کان اوهان کي ڪجهه نٿو بچائي سگهي. ياد رهي ته عمران خان پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته سنڌ جي چوري ڪيل پيسي مان وفاقي حڪومت ڪيرائي وئي ۽ اين آر او ٽو ورتو ويو، هاڻي تصديق ٿيل ڏوهاري آصف زرداري پنجاب جي عوام جو مينڊيٽ چوري ڪرڻ نڪتو آهي. هن اهو به چيو هو ته سپريم ڪورٽ کان پڇڻ چاهيان ٿو ته ڇا هو هن تباهي کان آگاهه ناهي؟
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close