پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

پاڪستان ۾ 6 مهينن اندر مهانگائي 12 مان وڌيڪ 21 سيڪڙو ٿي وئي

اسلام آباد: ايشيائي ترقياتي بينڪ آئوٽ لڪ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب گذريل 6 مهينن ۾ پاڪستان ۾ مهانگائي 12 مان وڌي 21 سيڪڙو تائين وڃي پهتي آهي. ايشيائي ترقياتي بينڪ جنوري کان جون تائين جا معاشي انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته مهانگائي ۽ عالمي معاشي حالتون ايشيا کي متاثر ڪري سگهن ٿيون. رپورٽ موجب گذريل 6 مهينن ۾ پاڪستان ۾ مهانگائي 12 مان وڌي 21 سيڪڙو تي پهتي، سريلنڪا ۾ مهانگائي 14 مان وڌي 45 سيڪڙو ۽ ڀارت ۾ 5 ڏهائي 7 سيڪڙو مان وڌي 7 سيڪڙو ٿي وئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بنگلاديش ۾ مهانگائي 6 ڏهائي هڪ سيڪڙو مان وڌي 7 ڏهائي 4 سيڪڙو، چين ۾ ڏيڍ سيڪڙو مان وڌي اڍائي سيڪڙو، جڏهن ته ٿائيلينڊ ۾ 2 ڏهائي 2 سيڪڙو مان وڌي 7.7 سيڪڙو ٿي وئي آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستان گذريل 6 مهينن دوران منافعي جي شرح سوا 5 سيڪڙو وڌي جڏهن ته سريلنڪا ۾ 9 ڏهائي 5 سيڪڙو، ڀارت ۾ ٻڙي ڏهائي 9 ۽ بنگلاديش ۾ ٻڙي ڏهائي 7 سيڪڙو وڌي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button