پاڪستان

حمزا شهباز کي وڏو وزير چونڊرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس: آصف زرداري

لاهور: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پرويز الاهي مون سان ڪمٽمينٽ ڪري عمران خان سان وڃي مليو، نواز شريف، شهباز شريف کي به ان تي راضي ڪيو پر پرويز الاهي ساٿ ڇڏي ويو. پ پ پنجاب جي پارلياماني پارٽي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي آصف زرداري چيو ته هاڻ جنهن سان ڪمٽمينٽ آهي ان کي مڪمل نڀائيندس، پ پ ن ليگ جي اتحادي آهي، سڀني ذميوارين کي قبول ڪري ٿي، مفاهمت لاءِ هر قرباني ڏيندس. هن چيو ته حمزا شهباز کي وڏ وزارت جو اميداور ٿيڻ تي پئسو ڇو لڳايان؟ وڏ وزارت جو اميدوار حسن مرتضيٰ هجي ها ته پئسو ضرور لڳايان ها، ڀُٽي جو ڪارڪن آهيان، خريد ۽ وڪري جي سياست تي يقين نٿو رکان. سندس چوڻ هو ته ن ليگ سان گڏ بيٺا آهيون، پئسي جي سياست کي رد ڪيون ٿا، حمزا کي وڏو وزير چونڊرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس. آصف زرداري چيو ته لاهور ۾ ڪيترن ئي سالن کان رهي رهيو آهيان، اعتراض بنا جواز آهي، وچ لاهور ۾ نئون گهر ٺاهي رهيو آهيان ته جيئن ڪارڪنن سان رابطو وڌيڪ بهتر ٿئي. اڳوڻي صدر چيو ته پنجاب ۾ اسان جي 7 هزار ڪارڪنن ڪوڙا کاڌا، انهن جي قربانين جو پلاند وٺنداسين، لاهور اسان جو هو، اسان ان کي واپس وٺنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button