سنڌ

خانپور مهر ۽ ڀرپاسي جي گئسٽرو جي وبا،4 ڄڻا اسپتال منتقل

خانپورمهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ٻارن سميت ڪيترائي ماڻهو گيسٽرو ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ گئسٽرو ۾ مبتلا ڪبير، سڪينه، سونيا، نجمه ۽ ٻين کي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ علائقي واسين جو چوڻ آهي صحت کاتي کي گهرجي ته فوري طور گيسٽرو تي ضابطو آڻڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن. ٻارن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر پون ڪمار ٻڌايو ته 60 کان 70 سيڪڙو او پي ڊي گيسٽرو جي آهي، صحت کاتي ڪي به اپاءَ نه ورتا آهن، ماڻهن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا سجاڳي ناهي ۽ نه ئي مسئلي جي حل لاءِ ڪي سهولتون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button