لاهور: پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ لاءِ ووٽنگ اڄ ٿي رهي آهي، مسلم ليگ ن ۽ اتحادي پارٽين حمزا شهباز جڏهن ته تحريڪ انصاف ۽ ق ليگ چوڌري پرويز الاهي کي اميدوار نامزد ڪيو آهي. رپورٽ مطابق پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ لاءِ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام جو 4 وڳي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري جي صدارت ۾ ٿيندو، جنهن ۾ پنجاب جي نئين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ ووٽنگ ڪرائي ويندي. تحريڪ انصاف جي 15 اسيمبلي ميمبرن جي حلف کڻڻ کانپوءِ ايوان ۾ تحريڪ انصاف جي ڪل ميمبرن جو انگ 178 ٿي ويو آهي، جڏهن ته مسلم ليگ ق جي ميمبرن جو تعداد 10 آهي، ٻنهي پارٽين جي ميمبرن کي ملائڻ سان اهو انگ 188 ٿئي ٿو جڏهن ته هڪ ميمبر پرڏيهه ۾ آهي. پي ٽي آءِ ۽ ق ليگ دعويٰ ڪئي ته عمران خان ۽ پرويز الاهي جي سربراهي ۾ ٿيل پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ 186 ميمبر شريڪ ٿيا ۽ انهن پنجاب جي وڏي وزير لاءِ پرويز الاهي جي حمايت جو اعلان ڪيو. مسلم ليگ ن جي ٽن ميمبرن طرفان حلف کڻڻ کانپوءِ حڪومتي اتحادي ميمبرن جو ڪل تعداد 178 آهي جڏهن ته هڪ ميمبر جو اڃا نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو آهي جڏهن ته هڪ ميمبر عظميٰ زعيم قادري ڪرونا ۾ وٺجي وئي آهي جڏهن ته ٻه ميمر فيصل نيازي ۽ جليل شرقپور استعيفيٰ ڏئي چڪا آهن. اسيمبلي ۾ موجود آزاد ميمبرن جو انگ 6 آهي. انگن اکرن ۾ ظاهري طور تي تحريڪ انصاف کي سرسي نظر اچي رهي آهي پر مسلم ليگ ن ۽ پي ڊي ايم جون پارٽيون به حمزا جي ڪاميابي لاءِ پراميد آهن. مسلم ليگ ن ۽ اتحادي پارٽين جڏهن ته پي ٽي آءِ ۽ ق ليگ پنهنجن ميمبرن کي هوٽلن ۾ ترسايو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close