
نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ ڦل خاصخيلي جي رهواسين بااثر ماڻهن ۽ پوليس جي ظلمن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اصغر علي خاصخيلي، محمد حسن، ضمير حسين، غلام محمد خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته بااثر مائٽن ڪمدار عبدالڪريم خاصخيلي، نواب خاصخيلي، نبي بخش، رجب، اظهر ۽ مظهر خاصخيلي وارن فصل جي ڀيل تان اسان جي نوجوانن کي ڏنڊا ۽ ڏاٽا هڻي زخمي ڪري ڇڏيو بعد ۾ پوليس به اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري روڪ رقم ۽ سونا زيور کڻي وئي ۽ اسان جي ٻن ڄڻن انور خاصخيلي ۽ شهبيگ کي گرفتار ڪري وئي آهي. جيڪا زيادتي آهي. هنن چيو ته همراهن به اسان کي زخمي ڪيو آهي. پوليس به اسان جي گهر تي سب انسپيڪٽر اسحاق ملاح جي اڳواڻي ۾ چڙهائي ڪري ڦرلٽ ڪئي. همراهه گرفتار ڪيا آهن، جن مان پوليس هڪ ڄڻي جي گرفتاري ظاهر ڪئي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.