پاڪستانسنڌ

شادي لارج ۾ بيمار صحافي ۽ سندس ٻارن جي اختيارين سار نه لڌي

ڪلوئي: شادي لارج ۾ 41 سال کان صحافت سان لاڳاپيل صحافي غلام رسول بروھي جي بيماري واري حالت ۾ ڪنهن به مدد نه ڪئي. قبائلي چڪ ۾ پنهنجي گهر ۾ بيماري جي بستري تي پيل صحافي غلام رسول بروهي چيو ته مون زندگي جو هڪ وڏو حصو صحافت کي ڏنو، گذريل ڪجهه مهينن کان بيماري جي بستري تي پيل آهيان، علاج لا پئسا ناهن، منهنجي ڪمائيندڙ اڪيلي پٽ جا رت جا اڇا سيل ختم هئڻ ڪري اهو به 20 ڏينهن کان سرڪاري اسپتال ۾ پيل آهي، جتي علاج نه ٿيڻ سبب سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي، منهنجي هڪ نياڻي به بيمار آهي، پر پئسا نه هجڻ سبب علاج نٿا ڪرائي سگهون. ڪنهن به چونڊيل نمائندي، ضلعي انتظاميا يا صحافتي تنظيمن سار نه لڌي آهي. هن سنڌ سرڪار ۽ صحافين جي تنظيمن سميت سرندي وارن کان گهر ڪئي ته منهنجو ۽ ٻارن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي اسان جون زندگيون بچايون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button