لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي شهر جي پراڻي ڌوٻي گهاٽ پير شير روڊ واري علائقي جي رهواسي پيرسن پورهيت پنهنجي گهرڀاتين سان گڏجي علائقي ۾ منشيات جي وڪري خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پيرسن پورهيت شفيع محمد جتوئي پنهنجي ڀينرون مريم خاتون، ساجده خاتون، ڌيئرن ثمرين، ثمينه خاتون، خديجا جتوئي ۽ ٻين سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته 35 سالن کان ڌوٻي گهاٽ پير شير روڊ وٽ پوليس جي سرپرستي ۾ منشيات وڪرو ٿي رهي آهي، جنهن سبب نوجوان نسل تباهه ٿي ويو آهي، منشيات جي وڪري سبب علائقي ۾ چوري جون وارداتون روز جو معمول بڻجي ويون آهن. هن چيو ته علي گوهر آباد ٿاڻي جي پوليس بااثر منشيات فروشن سان ٻٽ بڻيل آهي، اهڙيون شڪايتون ڪيترائي ڀيرا پوليس جي اعليٰ عملدارن کي لکت ۾ ڏنيون آهن، پر ڪو تدارڪ ناهي ڪيو ويو. هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي علي گوهر آباد ٿاڻي جي پوليس کان سخت پڇاڻو ڪري علائقي ۾ منشيات جو وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي علي گوهر آباد ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته شفيع محمد جتوئي جا ٻه پٽ جان محمد عرف جانو جتوئي ۽ ولي محمد جتوئي نامي گرامي چور آهن، جان محمد جتوئي کي ڪجهھ ڏينهن اڳ علائقي واسين هڪ گهر مان چوري ڪندي پڪڙي اسان حوالي ڪيو هو، جنهن مٿان مختلف ٿاڻن تي ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن. شفيع محمد جتوئي پٽ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪوڙا احتجاج ڪري رهيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close