اسلام آبادپاڪستان

بجلي جو شارٽ فال 4800 ميگاواٽ ٿي ويو،گڊو پلانٽ جا 2 يونٽ بحال

اسلام آباد :ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 4800 ميگاواٽ ٿي ويو آهي. اين ٽي ڊي سي جي ذريعن موجب ملڪ ۾ بجلي جي گهرج 27800 ۽ پيداوار 23 هزار ميگاواٽ آهي. ذريعن موجب ليسڪو جي لاسز وارن فيڊرز تي 3 ڪلاڪن تائين لوڊيشڊنگ ڪئي پئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گڊو پاور پلانٽ جي ٻن يونٽس جي بجلي بحال ٿي وئي آهي. جڏهن ته پلانٽ جو 247 ميگاواٽ وارو هڪ يونٽ اڃا تائين بند آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button