اسلام آباد : پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان ذڪريا علي شاهه جو چوڻ آهي ته عالمي منڊي ۾ تيل اگهن ۾ واڌ سان سعودي عرب وٽان پاڪستان کي ملندڙ تيل جو مقدار گهٽجي ويو آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ذڪريا علي شاهه ٻڌايو ته سعودي عرب پاڪستان کي ماهورا 10 ڪروڙ ڊالر تيل فراهم ڪري رهيو آهي. سعودي عرب کان اهو تيل پاڪستان کي دير وارين ادائيگين تي ملي رهيو آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته عالمي سطح تي تيل جا اگهه وڌڻ سان پاڪستان کي فراهم ٿيندڙ تيل جو مقدار گهٽجي ويو آهي. جڏهن ته سعودي عرب سان اها سهولت وڌائڻ لاءِ ڳالهيون هلي رهيون آهن. هن ٻڌايو ته پاڪستان چاهي ٿو ته سعودي عرب کان گهٽ ۾ گهٽ ايترو تيل ملي سگهي جو اگهه وڌڻ باوجود مقدار گهٽ نه ٿئي، ان حوالي سان اڃا ڪو حتمي فيصلو ناهي ٿيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close